عمران خان، شاهه محمود قريشي ۽ شيخ رشيد آزادي مارچ ڪيس مان بري

اسلام آباد: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد آزادي مارچ، ڀڃ ڊاهه ۽ هنگامي بابت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان، شاهه محمود قريشي ۽ شيخ رشيد کي بري ڪري ڇڏيو.

جوڊيشل مئجسٽريٽ ملڪ محمد عمران، عمران خان، شاهه محمود قريشي، شيخ رشيد ۽ ٻين طرفان بريت جي لاءِ داخل درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي شهريار آفريدي، صداقت عباسي ۽ علي نواز اعواڻ کي به بري ڪري ڇڏيو.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ باني شاهه محمود قريشي، شيخ رشيد ۽ ٻين جي خلاف آئي نائن ٿاڻي ۾ ڪيس قلم 144 جي ڀڃڪڙي ۽ ڀڃ ڊاهه جي قلمن تحت 2022 ۾ داخل ڪيو ويو هو.

Imran Khan