برطانوي بادشاهه چارلس کان پوءِ شهزادي ڪيٽ ميڊلٽن به ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا

لنڊن: برطانوي بادشاهه چارلس کان پوءِ شهزادي ڪيٽ ميڊلٽن به ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي آهي. گذريل ڪيترن ئي هفتن کان سوشل ميڊيا تي ڪيٽ ميڊلٽن جي صحت جي حوالي سان  افواهون ۽ سازشي خيالن جون پوسٽون ڪيون پيون وڃن.

پرنسز آف ويلز جمعي تي هڪ وڊيو پيغام ۾ اعلان ڪيو آهي ته مون ۾ ڪينسر جي سڃاڻپ ٿئي آهي، مون مرض جو شروعاتي علاج شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جنوري ۾ لنڊن ۾ منهنجي معدي جي سرجري ٿي جيڪا ڪامياب رهي. ان وقت ڪينسر جي سڃاڻپ نه ٿي هئي. پر آپريشن کان پوءِ ٿيندڙ مختلف ٽيسٽن ۾ خبر پئي ته مان ڪينسر ۾ مبتلا آهيان.

شهزادي ڪيٽ ميڊلٽن ٻڌايو ته ڪينسر جي سڃاڻپ کان پوءِ منهنجي ميڊيڪل ٽيم مشورو ڏنو آهي ته مون کي ڪيمو ٿراپي جو ڪورس ڪرڻ گهرجي ۽ مان انهي علاج جي شروعاتي مرحلي ۾ آهي. شهزادي ڪيٽ ميڊلٽن وڊيو پيغام ۾ چيو ته ڪينسر جي خبر پوڻ وڏو صدمو هو. شروع وارا 2 مهينا ڪافي مشڪل سان گذريا پر هاڻ ڪافي بهتر آهيان، هر گذرندڙ ڏينهن سان مان وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهيان.

After British King Charles