19 رڪني وفاقي ڪابينا حلف کڻي ورتو،پهريون اجلاس طلب

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي 19 رڪني وفاقي ڪابينا حلف کڻي ورتو.وفاقي ڪابينا جي حلف برداري تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، صدر آصف علي زرداري وفاقي ڪابينا جي حلف برداري ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف پڻ موجود هو.حلف کڻندڙن ۾ خواجا آصف، احسن اقبال، خالد مقبول صديقي، شازا فاطمه، محسن نقوي، امير مقام ۽ ٻيا شامل آهن. ان کان علاوه چوڌري سالڪ حسين، رياض پيرزادو، راڻا تنوير ۽ ڄام ڪمال حلف کڻندڙن ۾ شامل آهن.ان کان علاوه اويس لغاري، عطاءُ الله تارڙ، قيصر شيخ، اسحاق ڊار، مصدق ملڪ، محمد اورنگزيب ۽ احد چيما به حلف کڻندڙن ۾ شامل آهن. حلف کڻندڙن ۾ اعظم نذير تارڙ ۽ شازا فاطمه به شامل آهن.ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو پهريون اجلاس اڄ شام طلب ڪري ورتو آهي.

19-member federal cabinet took oath