هن سال سڀ کان وڌيڪ ڊليٽ ڪيون ويندڙ ايپس

گذريل هفتي هلندڙ سال سڀ کان وڌيڪ ڊائونلوڊ يا استعمال ڪيل ايپس جي رپورٽ سامهون آئي هئي، هاڻي سڀ کان وڌيڪ ڊليٽ ڪيون ويندڙ ايپس جي رپورٽ به سامهون اچي
وئي آهي.
حيران ڪندڙ طور تي سال 2023ع ۾ سڄي دنيا ۾ ٽي ارب ماڻهن چاهين پيا ته فيسبڪ ايپ سندن موبائيل مان ڊليٽ ڪئي وڃي پر پوءِ اهي ان کي وري انسٽال ڪندا هئا.
ايپ کي ڊليٽ ڪرڻ جي معاملي تي نظر رکندڙ اداري ٽي جي آر جي رپورٽ موجب سڄي دنيا جي ٽن ارب سوشل ميڊيا واهپيدارن فيسبڪ، اڍائي ارب ماڻهن يوٽيوب، 2 ارب ماڻهن
واٽس ايپ، 2 ارب ماڻهن انسٽاگرام، سوا ارب ماڻهن وي چيٽ، ۽ سوا ارب ماڻهن ٽڪ ٽاڪ کي ڊليٽ ڪرڻ پئي چاهيو.
اداري سمورن واهپيدارن جي پتو سندن انٽرنيٽ هسٽري ۽ سوالن مان لڳايو، پر حيران ڪندڙ طور تي ماهوار بنيادن تي سڀ کان وڌيڪ ماڻهن انسٽاگرام کي ڊليٽ ڪرڻ جا طريقا
ڳوليا.
اداري جي رپورٽ موجب ماهوار 10 لک کان وڌيڪ ڀيرا انسٽاگرام کي ڊليٽ ڪرڻ جا طريقا ڳوليا ويا.
اهو واضح نه آهي ته هر مهيني ايترن ئي واهپيدارن انسٽاگرام کي ڊليٽ ڪيو يا نه پر هنن ان کي ڊليٽ ڪرڻ جا طريقا ڳوليا.
رپورٽ موجب ماهوار 10 لک کان وڌيڪ ڀيرا انسٽاگرام کي ڊليٽ ڪرڻ جا طريقا ڳوليا ويا.
اهو واضح نه آهي ته هر مهيني ايترن ئي واهپيدارن انستاگرام کي ڊليٽ ڪيو يا نه پر هنن ان کي ڊليٽ ڪرڻ جا طريقا ڳوليا.
انٽرنيٽ واهپيدارن ٻئين نمبر تي ماهوار بنيادن تي سنيپ چيٽ کي ڊليٽ ڪرڻ جا طريقا ڳوليا.
ماهوار بنيادن تي ڊليٽ ڪرڻ جي طريقن جي حوالي سان ٽين نمبر تي ٽوئيٽر، ڇوٿين تي ٽيليگرام جڏهن ته پنجين نمبر تي فيسبڪ رهيو.
انهيءَ لسٽ ۾ ٽڪ ٽاڪ ڇهين، يوٽيوب ستين، واٽس ايپ اٺين ۽ وي چيٽ نائين نمبر تي رهيا.
يعني ڄاڻايل ايپس جي اڪائونٽس کي ختم ڪرڻ جي طريقن جي حوالي سان ماهوار بنيادن تي سڀ کان وڌيڪ طريقا ڳوليا ويا.