مسلم ليگ(ن) ايندڙ چونڊن لاءِ 35 رڪني مرڪزي پارلياماني بورڊ جوڙي ڇڏيو

لاهور: مسلم ليگ(ن) ايندڙ چونڊن جي لاءِ 35 رڪني  مرڪزي پارلياماني بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي.

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف مرڪزي پارلياماني بورڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ نوازشريف جي منظوري تي چيئرمين سينٽرل اليڪشن سيل اسحاق ڊار نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

مرڪزي  پارلياماني بورڊ ۾ اسحاق ڊار، خواجه آصف ۽ مريم نواز سميت سڄي ملڪ مان ميمبر شامل ڪيا ويا آهن.

(ن) ليگ جو مرڪزي پارلياماني بورڊ چونڊن ۾ اميدوارن کي پارٽي  ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪندو.