آرمي چيف سان سعودي ڪمانڊر جي ملاقات: وچ اوڀر ۾ هلندڙ تڪرار تي ڳالهيون

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان رائل سعودي لينڊ فورسز جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل فهد بن عبدالله المطير جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ملاقات جي دوران ٻنهي ڌرين وچ ۾ دفاع، سيڪيورٽي ۽ فوجي تربيت سميت ٻين شعبن ۾ تعاون، علاقائي صورتحال ۽ وچ اوڀر ۾ تڪرار تي ڳالهيون ڪيون ويون.

آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو آهي ته سعودي ڪمانڊر دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڏنل قربانين تي خراج تحسين پيش ڪيو. آرمي چيف سعودي ڪمانڊر جو ٿورو ادا ڪيو ويو.

آرمي چيف چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي اسٽريٽجڪ ۽ ڀائرن وارن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو.  جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي سعودي ڪمانڊر کي گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.