فواد چوڌري کي جيل ۾ گهرواري سان نويڪلائي ۾ ملاقات جي اجازت ملي وئي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فواد چوڌري کي جيل مينوئل تحت سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

 فواد چوڌري کي گهرواري سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪرائڻ جي اجازت ڏيڻ جو به حڪم  ڏنو ويو،عدالت چيف ڪمشنر اسلام آباد کي طلب ڪري ورتو آهي

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ۾ چيو ته آصف زرداري ۽ بينظير ڀٽو کي به فيملي ۽ وڪيلن سان ملاقات کان روڪيو ويندو هو

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته اهڙا واقعا توهان جي آفيسرن لاءِ شرمندگي جو سبب بڻجن ٿا

چيف ڪمشنر اسلام آباد عدالتي حڪم تي عملدرآمد رپورٽ پيش ڪندي چيو فواد چوڌري کي جيل ۾ بهترين ڪلاس فراهم ڪيو ويو آهي، کيس فيملي ۽ وڪيلن سان ملاقات جي اجازت به مليل آهي