ڪنهن به جماعت تي پابندي لڳائڻ نگران حڪومت جو مينڊيٽ نه آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪنهن به جماعت تي پابندي لڳائڻ نگران حڪومت جو مينڊيٽ نه آهي، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ تي هڪ سياسي جماعت طور پابندي نه لڳائي آهي، سمورين ننڍين وڏين سياسي جماعتن کي چونڊ وڙهڻ جا هڪ جهڙا موقعا هوندا

لاهور ۾ تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته غير قانوني طور ترسيل پرڏيهي اڄ ئي ملڪ ڇڏي وڃن، رجسٽرڊ پناهگيرن خلاف ڪا به ڪارروائي نه پيا ڪيون

هن چيو ته چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو مينڊيٽ آهي، نگران حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪندي، ڏکيا فيصلا ڪري رهيا آهيون ته جيئن ملڪ ڏکيائي مان نڪري وڃي