گم ٿي ويلن جي بازيابي لاءِ بلوچستان نيشنل پارٽي جو پارليامينٽ جي سامهون احتجاجي ڌرڻو

اسلام آباد: بلوچستان نيشنل پارٽي(بي اين پي) طرفان گم ٿي ويل ماڻهن جي بازيابي لاءِ پارليامينٽ هائوس جي سامهون ڌرڻو هنيو آهي.

بي اين پي جي سربراهه اختر مينگل ۽ ٻين اڳواڻن به ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين جبري گمشدگين خلاف احتجاج ڪندي گم ٿي ويل ماڻهن جي بازيابي جو مطالبو پڻ ڪيو.

ان موقعي تي بي اين پي جي سربراهه اختر مينگل چيو ته اصل احتجاج پريس ڪلب جي سامهون هو پر حڪومت کي اهو سٺو نه لڳو هو اسان جي سائونڊ سسٽم کي پٽي پاڻ سان گڏ کڻي ويا.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر رضا رباني صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته هي اڄوڪي ڳالهه نه آهي. سوچيل سمجهيل سازش جي تحت ٿي رهيو آهي. هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي جنهن رپورٽ پيش ڪئي آهي. ان ڪميٽي جو مان به ميمبر هئس. ماڻهن کي گم نه ڪيو وڃي جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه ڪيو آهي ته انهن کي سامهون آندو وڃي. گم ٿي ويلن کي سالن تائين غائب رکڻ ۽ پوءِ انهن جا لاش ملڻ افسوسناڪ عمل آهي، انهي مسئلي جو حل رياست جي سوچ ۾ تبديلي آهي.

جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد ان موقعي تي چيو ته جماعت اسلامي طرفان اختر مينگل سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آيو آهيان. پرامن آئيني ۽ قانوني جدوجهد ۾ جماعت اسلامي اوهان سان گڏ آهي. اسان سينيٽ ۾ گم ٿي ويل ماڻهن جو معاملو اٿاريو. اسان جو مطالبو آهي ته جبري گم ٿيل ماڻهن کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي.