اليڪشن ڪميشن جي سفارشن تي آفيسرن جي بدلين واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طلب ڪري ورتي

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي سفارشن تي آفيسرن جي بدلين جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

نگران حڪومت جي دور ۾ اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي آفيسرن جي ٽرانسفر ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڱاري تائين رپورٽ طلب ڪندي پڇيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي سفارشن تي ڪيترا آفيسر بدلي ٿي چڪا آهن.

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب اليڪشن ڪميشن جي سفارشن تي بدلين بابت ڪيس جي  گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ عدالت چيو آهي ته ان بابت به آگاهه ڪيو وڃي ته ڪجهه آفيسرن کي موجوده عهدن تي ڪم جاري رکڻ جو ڇو چيو ويو؟ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ اليڪشن ڪميشن جامع رپورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ جمع ڪرائي.

ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن مختلف کاتن جي سيڪريٽريز ۽ آءِ جي سنڌ جي بدلي جا حڪم جاري ڪيا هئا. اليڪشن ڪميشن چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي بدلي جي به سفارش ڪئي هئي. اليڪشن ڪميشن موجب اسلام آباد پوليس ۽ انتظاميه ۾ به بدلين جي هدايت ڪئي وئي آهي.

On the recommendation of the Election Commission