فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي تي عملدرآمد بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش

نگران وفاقي سرڪار فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي تي عملدرآمد بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

اٽارني جنرل پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڌرڻي جي ذميوارن جي تعين لاءِ فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي

رپورٽ موجب ڪميٽي ۾ ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري، دفاع بابت ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر آءِ ايس آءِ شامل آهن

فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي گواهن جا بيان به قلمبند ڪندي، ڪميٽي جو ٽي او آرز بابت 26 آڪٽوبر تي پهريون اجلاس به ٿي چڪو آهي

ڪميٽي پهرين ڊسمبر تائين دفاع واري وزارت آڏو پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائيندي

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عدالت کان ڌرڻي ڪيس ۾ نظرثاني درخواست واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي، حتمي رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي