اليڪشن ڪميشن پاران فواد حسن فواد ۽ احد چيما کي نوٽيس جاري

اسلام آباد :نگران حڪومت ۾ وفاقي وزيرن ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار کي عهدي تان هٽائڻ بابت اليڪشن ڪميشن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏني، اليڪشن ڪميشن نگران وزيرن فواد حسن فواد، احد چيما کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، درخواستگذار ايڊووڪيٽ عزيز الدين پاران درخواست ۾ فواد حسن فواد ۽ احد چيما کي هٽائڻ جي استدعا ڪئي وئي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وزيراعظم جو سيڪريٽري توقير شاهه اڳوڻي وزيراعظم جو سيڪريٽري آهي، اليڪشن ڪميشن درخواست تي 10 آڪٽوبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.