ورلڊ ڪپ جو وڏو مقابلو: ڀارت پاڪستان خلاف ميچ ۾ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪري ورتو

احمدآباد: آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي سڀني کان وڏي مقابلي ۾ ڀارت پاڪستان خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو  ڪري ورتو آهي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ سڀني کان وڏي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو پيو وڃي. قومي ٽيم جي قيادت بابر اعظم جڏهن ته ڀارت جي ڪمان روهيت شرما جي هٿن ۾ آهي.

ٽاس جي موقعي تي ڳالهيون ڪندي ڀارتي ڪپتان روهيت شرما چيو ته شوقينن جو جذبو ڏسڻ وٽان آهي. اڄوڪي ميچ کان وڏو ٻيو مقابلو نٿو ٿي سگهي. شبمن گل جي ٽيم ۾ واپس ٿي آهي.

قومي ڪپتان بابر اعظم ٽاس جي موقعي تي چيو ته ٽاس کٽيون ها ته اسان به پهريان فيلڊنگ ڪريون ها. ٽيم جا حوصلا بلند آهن.  ڪابه تبديلي نه ڪئي آهي. کٽڻ جي ارادي سان ميدان ۾ لهنداسين. ڀارت کي وڏو ٽارگيٽ ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين