اسرائيل جو فلسطينين کي 24 ڪلاڪن اندرغزه مان نڪري وڃڻ جو حڪم

بيت المقدس: اسرائيل 11 لک فلسطينين کي 24 ڪلاڪن اندر غزه مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اسرائيلي ترجمان جوناٿن ڪونريڪس چيو آهي ته عام فلسطيني شهري اسان جا دشمن نه آهن.
اسرائيلي ترجمان جوناٿن ڪونريڪس موجب غزه ۾ حماس کي نشانو بڻائڻ لاءِ اسان شهرين جو گهٽ کان گهٽ نقصان چاهيون ٿا، گڏيل قومن جي اداري اسرائيل کي غزه مان 11 لک فلسطينين کي نڪري وڃڻ وارو ڏنل الٽيميٽم واپس وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اڄ هنگامي اجلاس به طلب ڪيو ويو آهي، گڏيل قومن جي ترجمان چيو آهي ته 11 لک فلسطينين کي ڪڍڻ جو مطلب شهر جي اڌ آباديءَ کي نيڪالي ڏيڻ آهي.
عالمي اداري جو چوڻ آهي ته اهڙو قدم کڻڻ خوفناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا، غزا تي اسرائيل جي فضائي حملن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 14 سئو کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، حماس جي ڪارروائين ۾ به 13 سئو کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي چڪا آهن.