مڪيش ڪمار چاولا ۽ ٻيا جوابدار خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن واري انڪوائري ۾ گهربل نه آهن: نيب پراسيڪيوٽر

ڪراچي: نيب پراسيڪيوٽر سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بيان ڏيندي چيو آهي ته اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري هڪ انڪوائري هلي رهي آهي، مڪيش ڪمار چاولا ۽ ٻيا جوابدار خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن واري انڪوائري ۾ گهربل نه آهن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب پراسيڪيوٽر جي بيان بعد مڪيش ڪمار چاولا ۽ ٻين جون نيب خلاف درخواستون اڪلائي ڇڏيون.
گذريل ڏينهن اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان پڪي ضمانت ڪرائي ورتي هئي.
مڪيش ڪمار چاولا ۽ ٻين جوابدارن خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن جي انڪوائري دوران گرفتاريءَ جو خدشو ظاهر ڪيو هو.