اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ اڳوڻن وزيرن کان سيڪيورٽي ۽ مراعتون واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ اڳوڻن وزيرن کان سيڪيورٽي ۽ ٻيون مراعتون واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي اليڪشن ڪميشن طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻن وفاقي ۽ صوبائي وزيرن کان سيڪيورٽي ۽ ٻيون مراعتون واپس ورتيون وڃن. اليڪشن ڪميشن چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کان 3 ڏينهن ۾ ان حوالي سان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

اليڪشن ڪميشن سنڌ ڪابينه جي اڳوڻن ميمبرن طرفان اڃان تائين پروٽوڪول وٺڻ جي معاملي تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته اڳوڻن وزيرن ۽ سياسي بنيادن تي مقرر ڪيل شخصيتن کان سيڪيورٽي جو پروٽوڪول واپس ورتو وڃي. سنڌ ڪابينه جا اڳوڻا ميمبر اڃان تائين سيڪيورٽي ۽ ٻين مراعتن جو استعمال ڪري رهيا آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب ڪابينه جي اڳوڻن ميمبرن طرفان مراعتون وٺڻ اليڪشن ڪميشن جي گائيڊ لائنز جي ڀڃڪڙي آهي سنڌ ڪابينه جي اڳوڻن ميمبرن کان سرڪاري رهائشگاهون ۽ مراعتون فوري طور تي واپس ورتيون وڃن. اڳوڻا وڏا وزير، اڳوڻا صوبائي وزير ۽ ٻين ڪابينه ميمبرن کان مراعتون واپس ورتيون وڃن ۽ ان باري ۾ اليڪشن ڪميشن کي 3 ڏينهن ۾ آگاهه ڪيو وڃي.

ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن ڪابينه جي اڳوڻن ميمبرن کان سيڪيورٽي ۽ مراعتون واپس وٺڻ جي لاءِ 15 آگسٽ تي به خط لکيو هو.

  • شيئر