نيپال ۽ ڀارت ۾ زلزلي جا شديد لوڏا

نيپال ۽ ڀارت ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا .نيشنل سيسموليوجيڪل سينٽر موجب نيپال ۾ هڪ ٻئي پويان زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن، زلزلي جا جهٽڪا  نيپال جي ضلعي بجهنگ ۾ آيا .

خبر ايجنسي موجب 25 منٽن دوران 2 ڀيرا آيل شديد جهٽڪن ۾ پهرين زلزلي جي شدت 4.2 ۽ ٻئي زلزلي جي شدت 6.2 رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته زلزلو 10 ڪلوميٽرن جي گهرائي ۾ آيو .

خبر ايجنسي جو چوڻ هو ته نيپال ۾ آيل زلزلي سان ڪنهن نقصان جي ڪا به رپورٽ نه ملي آهي . ٻئي پاسي زلزلي جا جهٽڪا ڀارتي رياست نئين دهلي ، اتر پرديش سميت ٻين ڀارتي شهرن ۾ به محسوس ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڀارتي شهر ڊير ادون ۾ ماڻهو خوف وچان عمارتن مان ٻاهر نڪري آيا .