سنڌ جي نگران وڏي وزير پاران خانگي اسڪولن ۾ 10 سيڪڙو ٻارن کي مفت تعليم واري قانون تي عمل ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي: سنڌ جي نگران وڏي وزير خانگي اسڪولن ۾ 10 سيڪڙو ٻارن کي مفت تعليم واري قانون تي عمل ڪرائڻ جي هدايت  ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ترجمان موجب سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس(ر) مقبول باقر سيڪريٽري تعليم جو ڌيان سنڌ رائٽ آف چلڊرين فري اينڊ ڪمپلسري ايجوڪيشن ايڪٽ طرف ڏياريندي چيو ته قانون جي تحت هر خانگي اسڪول، تعليمي ادارو پنهنجي گڏيل ٻارن جي انگ جو 10 سيڪڙو ٻارن کي مفت تعليم ڏيندو.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اهو قانون 2013 کان لاڳو ٿيل آهي پر اسڪول ايجوڪيشن ان تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو. هن قانون جي چيپٽر سيڪشن 10 جي 2 سيڪشنن اي ۽ بي کي ڪوڊ ڪندي چيو ته انهن ٻنهي سيڪشنز موجب نجي اسڪول ڪلاس ون کان وٺي اڳيان جي ڪلاسز لاءِ پنهنجي گڏيل داخلائن جو 10 سيڪڙو ٻارن کي مفت تعليم ڏيندا.  انهي قانون جي  سمورا پرائيويٽ اسڪول 2013ع کان کليل ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن.

سنڌ جي نگران وڏي وزير سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن کي هدايت ڪئي ته انهي قانون تي هڪ هفتي جي اندر عمل ڪرائي رپورٽ پيش ڪريو. سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چيو ته جيڪي تعليمي ادارا ان تي عمل نٿا ڪن انهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي