مستونگ ۾ ڌماڪي سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 53 ٿي ويو، ڪيس داخل

مستونگ: بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ 12 ربيع الاول تي مسجد ويجهو ٿيندڙ ڌماڪي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

گذريل ڏينهن جي آپگهاتي ڌماڪي ۾ ڊي ايس پي مستونگ سميت 53 ڄڻا فوت، جڏهن ته ڪيترائي شهري زخمي ٿي پي اهئا.

آپگهاتي حملي جو ڪيس نامعلوم حملو ڪندڙن  خلاف ڪوئٽه جي دهشتگردي جي انت واري اداري(سي ٽي ڊي) ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس قتل جي ارادي، دهشتگردي ۽ ايڪسپٽو سيو ايڪٽ جي تحت داخل ڪيو ويو آهي.

سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب آپگهاتي ڌماڪي جي جاچ جاري آهي پر اڃان تائين ڪنهن به قسم جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

ٻئي طرف مستونگ آپگهاتي حملي خلاف بلوچستان ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سوڳ جو اعلان بلوچستان جي حڪومت گذريل ڏينهن ڪيو هو.

سوڳ جي اعلان کان پوءِ بلوچستان اسيمبلي، وزيراعليٰ هائوس، بلوچستان هاءِ ڪورٽ سميت سمورين سرڪاري عمارتن تي قومي جهنڊو سرنگون آهي

Death toll rises to 53 due to explosion in Mustang