زوب ۾ آپريشن 3 دهشتگرد مارجي ويا، پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد

راولپنڊي: پاڪ فوج افغانستان کان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ٽن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته آپريشن دوران چار جوان شهيد ٿي ويا آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج زوب ۾ پاڪ افغان سرحد ويجهو ڪارروائي ڪندي ڪالعدم ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جي افغانستان مان پاڪستان داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي

آءِ ايس پي آر موجب، سمبازا ڀرسان ٽي ٽي پي جا دهشتگرد افغانستان کان پاڪستان اچي رهيا هئا جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ ٽي دهشتگردي مارجي ويا ۽ ڪجهه زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا آهن.
پاڪ فوج جي شهيد جوانن ۾ حوالدار ستار، لانس نائيڪ شير اعظم، لانس نائيڪ عدنان ۽ سپاهي نديم شامل آهن

3 terrorists were killed in the operation in Zob