وائيس آف سنڌ
سنڌ جو آواز
  • facebook
  • twitter
  • google_plus
  • Email
وائيس آف سنڌ

سائفر ڪيس: ايف آءِ اي چالان عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، عمران خان ۽ شاهه محمود ڏوهاري قرار

کی طرف سے ويب ڊيسڪ پر ستمبر 30, 2023

اسلام آباد: وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي خلاف چالان عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

ايف آءِ اي سائفر ڪيس جو چالان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي عدالت ۾ جمع ڪرايو جنهن ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي

ايف آءِ اي چالان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي ٽرائيل ڪري سزا ڏيڻ جي استدعا ڪئي آ

هي

ذريعن  موجب تحريڪ انصاف جو اڳوڻي سيڪريٽري جنرل اسد عمر ايف آءِ اي جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل نه آهي جڏهن ته چالان ۾ اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان ايف آءِ اي  جو مضبوط گواهه آهي ۽ اعظم خان جو 161 ۽ 164 جو بيان چالاڪي سان جوڙيو ويو آهي.

ذريعن ٻڌايو ته چالان موجب پي ٽي آءِ  چيئرمين سائفر  پنهنجو پاڻ وٽ رکيو ۽ اسٽيٽ سيڪريٽ جو غلط استعمال ڪيو. چالان موجب سائفر ڪاپي پي ٽي آءِ چيئرمين وٽ پهتي پر اها واپس نه ڪئي وئي.

ذريعن موجب چالان ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي 27 مارچ جي تقرير جو ٽرانسڪرپٽ جڙيل آهي ان سان گڏ 20 گواهن جا 161 جا بيان رڪارڊ ٿيڻ کان پوءِ  چالان سان گڏ لڳايا ويا آهن

Cipher case: FIA submitted the challan in the court
  • تازہ ترین
  • خاص خبرون
شئیر کریں
متعلقہ اشاعت

ميٽرو ون نيوز جي صدر ۽ وائس آف سنڌ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جو انڊس اسپتال جو دورو ، ميڊيا خيرسگالي جي سفير جي نامزدگي جو اعلان

پيچيده آپريشن بعد مريض جي پيٽ مان موبائل فون ڪڍيو ويو

سزائن کان پوءِ نااهلي، اليڪشن ڪميشن عدالت طلب

سيڪيورٽي خدشا: بلوچستان ۾ شام 5 وڳي کان صبح 5 وڳي تائين پبلڪ ٽرانسپورٽ تي پابندي

پگهاردار طبقي تي وڌيڪ بار نٿا وجهي سگهون، ٽيڪس جي شرح وڌائڻي پوندي: ناڻي وارو وزير

ڪراچي: جشن آزادي معرڪه حق، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ خصوصي آزادي ٽرين جو افتتاح ڪري ڇڏيو

آذربائيجان فيلڊ مارشل عاصم منير کي اعليٰ فوجي ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو

تبصرے (0)
کمینٹ شامل کریں
  • وائس آف سندھ
  • کیریئر
  • رابطہ کریں
ڈیسک ٹاپ ورژن دیکھیں