پاڪستان ۾ فائيو جي متعارف ڪرائڻ جون تياريون شروع

اسلام آباد: انفارميشن ٽيڪنالوجي (آءِ ٽي) واري وزارت ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن فائيو جي کي جاري ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران آءِ ٽيواري وزير ڊاڪٽر عمر سيف فائيو جي جي جاري ٿيڻ بابت پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
آءِ ٽي وزارت جي ذريعن موجب فائيو جي، جي نيلامي سان حڪومت کي ڪروڙين ڊالرز ملي سگھن ٿا، اسپيڪٽرم جي نيلامي 10 مهينه بعد ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب پاڪستان جون موبائل ڪمپنيون هن وقت 367 ميگا هرٽز جي ويجهو اسپيڪٽرم استعمال ڪري رهيون آهن جڏهن ته ريفارمنگ سان دستياب اسپيڪٽرم جي نيلامي سان اهو ڪاٿو 600 ميگا هرڊز کان وڌيڪ ٿي ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپيڪٽرم نيلامي سان صارفين جي نيٽورڪ بابت شڪايتون جو به فوري ازالو ٿي ويندو.