ايشيا ڪپ: ڪولمبو ۾اڄ برسات ٿيندي يا ميچ ؟ پاڪستان ۽ ڀارت جا شوقين منتظر

ايشيا ڪپ جي سپر 4 مرحلي ۾ پاڪ، ڀارت ٽاڪري جو نتيجو ڇا ٿيندو ؟ برسات ٿيندي يا وري پاڪستان يا ڀارت جي ميچ ٿيندي؟ فيصلو اڄ ٿي ويندو .

سري لنڪا جي موسمياتي ويب سائيٽ ڪولمبو ۾ اڄ به تيز برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي ، آچر تي ٿيندڙ مقابلي کي به بار بار برسات سبب معطل ڪيو ويو هو .

ڀارت 24.1 اوورز ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنز ٺاهيون هيون پر برسات جي ڪري ميچ ٻيهر شروع نه ٿي سگهي هئي ۽ معطل ڪيو ويو هو .

گذريل ڏينهن ڪولمبو ۾ ٿيندڙ مئچ ۾ پاڪستان ڀارت خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جوجو فيصلو ڪيو هو .