بجلي چوري خلاف آپريشن جاري: 21 ڄڻا گرفتار، 16 ڪروڙ کان وڌيڪ ڏنڊ لاڳو

اسلام آباد: نگران وزيراعظم جي هدايتن تي سڄي ملڪ ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن جاري آهي.

ملڪ ۾ بجلي چوري جي خلاف جاري آپريشن تي سيڪريٽري توانائي راشد لنگڙيال چيو آهي ته بجلي چوري جي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿي چڪو آهي. اڃان ته شروعات آهي، هي آپريشن تمام گهڻو بي رحم ۽ معاف نه ڪرڻ جوڳو بڻجي ويندو.

هن چيو ته هينئر تائين 40 لک يونٽ بجلي چوري جي 2000 کان وڌيڪ ڪيسز جي خبر پئي آهي، جنهن کان پوءِ بجلي چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ 21 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته 16 ڪروڙ 40 لک روپيه ڏنڊ لڳايو ويو آهي.

سيڪريٽري توانائي وڌيڪ چيو ته بجلي چوري  خلاف آپريشن دوران هن وقت تائين هڪ ڪروڙ 10 لک روپيه وصول ٿي چڪا آهن.

Operation against electricity theft continues: 21 people arrested