اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد 5 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

لاهور: دهشتگردي جي انت واري عدالت اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد جو 5 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو آهي.

پوليس ڊاڪٽر ياسمين راشد کي باهين، ڀڃ ڊاهه ۽ شير پائو پل تي چڙ ڏيارڻ واري تقريرن جي ڪيس ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت لاهور ۾ پيش ڪيوجج عبهر گل خان پوليس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ڪيس ۾ بغاوت، جنگ ڇيڙڻ ۽ عوام کي فسادن لاءِ ڀڙڪائڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. جاچ آفيسر استدعا ڪئي ته نون الزامن جي جاچ لاءِ ڊاڪٽر ياسمين راشد جو ٻيهر جسماني ريمانڊ  ڏنو وڃي.

دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج پوليس جي درخواست منظور ڪندي ڊاڪٽر ياسمين راشد جو 5 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو ۽ 14 سيپٽمبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته سرور ٿاڻي روڊ پوليس ڊاڪٽر ياسمين راشد جي خلاف ڪيس داخل ڪري رکيو آهي.