بٽگرام: چيئرلفٽ ۾ ڦاٿل ٻارن ۽ استادن جون حياتيون بچائڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بٽگرام ۾ چيئرلفٽ ۾ ڦاٿل ٻارن ۽ استادن جون حياتيون بچائڻ جي لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن.

بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته چيئرلفٽ ۾ ڦاٿل ٻارن ۽ استادن کي بچائڻ جي لاءِ شروع ڪيل ريسڪيو آپريشن ۾ تيزي آندي وڃي. هن چيئرلفٽ ۾ ڦاٿل ٻارن ۽ استادن جي سلامتي جي لاءِ دعا به ڪئي آهي.

ٻئي طرف نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ زبون حال ۽ حفاظتي معيار تي پورو نه لهندڙ چيئرلفٽ کي فوري طور بند ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. نگران وزيراعظم بٽگرام ۾ پاشتو جي هنڌ تي چيئرلفٽ ۾ ڦاٿل 8 ڄڻن کي فوري ريسڪيو  ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.