آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بلز تي صحيحون نه ڪرڻ وارو معاملو سپريم ڪورٽ پهچي ويو

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ جي ترميمي بلز تي صدر پاران صحيحون نه ڪرڻ وارو معاملو سپريم ڪورٽ پهچي ويو

ايڊوڪيٽ ذوالفقار ڀٽه پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ معاملي جي جاچ ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته درخواست التوا ۾ هجڻ تائين آفيشل سيڪريٽ ۽ آرمي ايڪٽ تي عملدرآمد روڪيو وڃي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته صدر عارف علوي جي بيان کانپوءِ ٻنهي ايڪٽس ۾ ترميمن بابت ڪيل قانونسازي تي سوال اٿي رهيا آهن

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ٻنهي ايڪٽس جو سڌو سنئون تعلق عوامي حقن سان آهي

درخواست ۾ وفاقي سرڪار کي 10 ڏينهن اندر سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي