سپريم ڪورٽ: مريم نواز خلاف شگر ملز ڪيس ۾ ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست خارج

سپريم ڪورٽ نون ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز خلاف شگر ملز ڪيس ۾ ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ  مريم نواز جي ضمانت رد ڪرڻ بابت نيب جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي

نيب طرفان مريم نواز جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست واپس وٺڻ تي سپريم ڪورٽ اپيل اڪلائي ڇڏي

نيب لکت ۾ جواب جمع ڪرائيندي چيو ته نيب ترميمن بعد هي ڪيس اختيارن جي دائري ۾ نه ٿو اچي

مريم نواز تي شميم شگرملز ڪيس ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو الزام آهي، نيب 2019 ۾ مريم نواز جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ اپيل داخل ڪرائي هئي

نيب جي پراسيڪيوٽر چيو ته نيب قانون ۾ ترميمن بعد مريم نواز خلاف ڪيس ختم ٿي چڪو آهي، آرڊر ۾ خارج ڪرڻ بدران اپيل اڪلائي وئي لکيو وڃي

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته توهان کي آرڊر پسند ايندو، درخواست واپس وٺڻ  جي بنياد تي ڪيس خارج ڪريون ٿا