سنڌ سرڪار ڪمند جي في مڻ جو سرڪاري اگهه 425 رپيا مقرر ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ سرڪار ڪمند جي في مڻ جو سرڪاري اگهه 425 رپيا مقرر ڪري ڇڏيو آهي

ان سلسلي ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ شگر ملز جي مالڪن کي 15 نومبر کان ڪريشنگ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

 ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ ڪمند جو سرڪاري اگهه 425 رپيا مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو

 سنڌ ڪابينا جي منظوري بعد ڪمند جي في مڻ جو اگهه 425 رپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو