پي ٽي اي 40 لک سِمون بلاڪ ڪري ڇڏيون

اسلام آباد: پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) گذريل 6 مهينن ۾ 40 لک سم ڪارڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا.

اهڙو انڪشاف سينيٽر راڻا مقبول احمد جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ڪيبينيٽ سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پي ٽي اي چيئرمين ڪيو.

پي ٽي اي چيئرمين ان ڳالهه تي روشني وڌي ته اٿارٽي گذريل 6 مهينن ۾ مختلف سببن جي بنياد تي 40 لک سم ڪارڊ بلاڪ ڪيا آهن.

هن اداري کي پيش ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ فائبرائيزيشن جي عمل کي آسان بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.