اسلام آباد: چونڊ اصلاحات ڪميٽي جي ميمبر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر تاج حيدر چيو آهي ته گهرو وزير راڻا ثناءُالله کي چونڊون 120 ڏينهن ۾ ٿيڻ جون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن.
نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي تاج حيدر چيو ته گهرو وزير راڻا ثناءُالله کي اهي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن ته چونڊون آئيني طور تي 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ گهرجن ته جيئن اليڪشن ڪميشن تي پريشر رهي ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻيون آهن.
ٻئي طرف مسلم ليگ(ن) جي سينيٽر افنان الله چيو آهي ته 120 ڏينهن ۾ چونڊون ٿيڻ جي ڳالهه ضرور ٿي آهي پر اها ڳالهه نئين تڪ بندين سبب ڪئي وئي، مان پاڻ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حامي آهيان.
هوڏانهن تحريڪ انصاف جي سينيٽر سيف الله ابڙو ان حوالي سان چيو آهي ته ايترو تڪڙو ايوانن مان بل پاس ڪري اسان پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون نه ڪري رهيا آهيون.