چين ۾ برساتن جو 140 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو، 22 ڄڻا فوت 27 گم

بيجنگ: چيني راڄڌاني ۾ برساتن وڏي پيماني تي تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ 22 ڄڻا فوت ۽ 27 گم آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب چيني موسميات کاتي موجب بيجنگ ڀرپاسي موجود آبي ذخيرن ۾ 744.8 ملي ميٽر (29.3 انچ) برسات رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا 1891ع کان پوءِ ٿيندڙ سڀ کان وڌيڪ برسات آهي

بيجنگ ۾ سامونڊي طوفان ڊوڪسوري سبب پيل شديد برساتن 140 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. لاڳيتو پوندڙ برساتن ٻوڏ جي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي.
پاڻي جا وهڪرا پنهنجي رستي ۾ آيل هر شيءِ کي تباهه ڪري ويا. روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا. هيٺانهان علائقا ٻڏي ويا. وڻ پاڙئون پٽجي ويا ۽ بل بورڊز ڪري پيا.
مختلف واقعن ۾ فوتين جو انگ 22 ٿي ويو جن ۾ ٻه ريسڪيو اهلڪار به شامل آهن جڏهن ته 27 هيل تائين گم آهن.
واضح رهي ته بيجنگ ۾ جولاءِ مهيني ۾ وقفي وقفي سان برساتن جو سلسلو جاري رهيو جنهن سان ڊيم ڀرجي ويو هو، ڍنڍون وهڻ لڳيون ۽ پاڻ جو وهڪرو رهائشي علائقن ۾ داخل ٿي ويو هو جنهن کان پوءِ انهن علائقن مان هڪ لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو.

22 people died and 27 missing in China