انٽرا پارٽي اليڪشن نه ٿيڻ تي پي ٽي آءِ چونڊ نشان لاءِ نااهل ٿي سگهي ٿي: اليڪشن ڪميشن

لاهور:انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرائڻ تي اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي 4 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انٽرا پارٽي چونڊون نه ٿيڻ تي پي ٽي آءِ چونڊ نشان جي لاءِ نااهل ٿي سگهي ٿي.

عمران خان کي اماڻيل نوٽيس موجب پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن 13 جون 2021 تي ٿيڻ جو امڪان هو اليڪشن ڪميشن ياد ڏيارڻ جي لاءِ نوٽيس جاري ڪيا. جون 2022 تي آخري ڀيرو نوٽيس جاري ڪيو ويو پر هاڻ ان ۾ وڌيڪ واڌ نٿي ٿي سگهي.

اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ٽرميم ٿيل آئين جي ڪاپي جمع ڪرائي جيڪا اڻپوري هئي. پي ٽي آءِ چيئرمين کي 4 آگسٽ تي جواب ڏيڻ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.