باجوڙ ڌماڪو: مارجي ويلن جو انگ وڌي 46 ٿي ويو

باجوڙ ڌماڪي جا وڌيڪ 3 زخمي فوت ٿيڻ بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي 46 ٿي ويو، ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 90 کان وڌيڪ ماڻهن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج جاري آهي

 ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڌماڪي جا وڌيڪ 3 زخمي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، 38 مڙهه سڃاڻپ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، 8 لاش سڃاڻپ جوڳا نه هئڻ سبب اسپتال ۾ رکيا ويا

 گذريل ڏينهن باجوڙ ۾ جي يو آءِ ف جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي دوران 40 ڄڻا مارجي ويا هئا، مارجي ويلن ۾ جي يو آءِ ف جو مقامي امير مولانا ضياءُ الله جان ۽ تعلقي جو جنرل سيڪريٽري حميد الله حقاني به شامل آهن

ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر نذير خان جو چوڻ آهي ته ڌماڪي بعد 3 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن، آءِ جي ڪي پي اختر حيات خان چيو آهي ته آپگهاتي ڌماڪي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، جيوفينسنگ به ڪئي وئي آهي