نااهلي جو مدو 5 سال:  سينيٽ ۾ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميمن وارو بل منظور

اسلام آباد: سزا جو تعين نه هئڻ جي صورت ۾ نااهلي 5 سالن کان وڌيڪ نه هوندي، سزا ٻڌايل شخص فيصلي واري ڏينهن کان رڳو 5 سالن لاءِ نااهل ٿيندو، واڳيل شخص پارليامينٽ يا صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ٿيڻ جو اهل هوندو

سينيٽ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميمن واري بل جي اڪثريتي راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي، تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي جي ميمبرز مخالفت ڪئي

اليڪشن ايڪٽ جي اهليت بابت سيڪشن 232 ۾ ترميم تحت نااهلي جي سزا 5 سالن کان وڌيڪ نه هوندي

اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 57 ۾ ترميم تحت اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي تاريخ يا تاريخن جو اعلان ڪندي

اليڪشن ڪميشن چونڊن جو نئون شيڊول جاري ڪرڻ جي مجاز به هوندي