…سامونڊي طوفان بائپرجواءِ اڄ ڪيٽي بندر ۽ گجرات جي وچ واري علائقي سان ٽڪرائجي ويندو، طوفان ڪراچي کان 230، ٺٽو کان 235 ۽ ڪيٽي بندر کان 155 ڪلوميٽرز جي فاصلي تي پهچي ويو
موسميات کاتي موجب اڄ شام بائپرجواءِ ڪيٽي بندر ۽ گجرات جي وچ واري علائقي مان انتهائي شديد طوفان طور گذرندو، طوفان جي گذرڻ وقت سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي شديد ۽ انتهائي شديد برساتون شروع ٿي وينديون
ٺٽو، سجاول، بدين، ٿرپارڪر، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ۾ اڄ کان شديد ۽ انتهائي شديد برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويندو، برساتن جو اهو سلسلو 17 جون تائين جاري رهندوڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، شهيد بينظير آباد ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ به اڄ ۽ سڀاڻي گجگوڙ سان وسڪارن جا امڪان، بلوچستان جي حب، لسٻيلا ۽ خضدار ضلعن ۾ به برسات جا امڪان آهي
جڏهن ته سنڌ جي ساحلي پٽيءَ مان 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪڍيا ويا آهن، ساحلي پٽيءَ جي 97 سيڪڙو رهواسين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي
ڪمشنر حيدرآباد جي سنڌ جي وڏي وزير کي پيش ڪيل رپورٽ، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪيٽي بندر، گهوڙا ٻاري، شاهه بندر، کاروڇاڻ ۽ جاتي جا زميني رابطا ڪاٽا ٿي ويا آهن، بدين، ٺٽو ۽ سجاول جي ساحلي پٽيءَ تي تيز برساتن جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي
ٽنهي ضلعن ۾ مجموعي طور 44 رليف ڪيمپس قائم ڪيون ويون آهن، رليف ڪيمپس ۾ 34 هزار 766 ماڻهن کي ترسايو ويو آهي
اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تان هيل تائين 81 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي
پي ڊي ايم اي سنڌ جو چوڻ آهي ته مقامي انتظاميا پاران 75 رليف ڪيمپس قائم ڪيون ويون آهن، پاڪ فوج، نيوي ۽ رينجرز جي مدد سان 73 هزار ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي، ڪيمپن ۾ متاثرين کي کاڌ خوراڪ ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون ويون آهن