استحڪام پاڪستان پارٽي عهديدارن جو اعلان ڪري ڇڏيو، عبدالعليم صدر مقرر

لاهور: استحڪام پاڪستان پارٽي عهديدارن جو اعلان ڪري ڇڏيو. عبدالعليم خان استحڪام پاڪستان پارٽي جو صدر مقرر ٿي ويو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ جهانگير ترين عهديدارن جو اعلان ڪيو. جنهن موجب عامر ڪياني پارٽي جو سيڪريٽري جنرل، عون چوڌري مرڪزي ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري ۽ پارٽي ترجمان هوندو.

پنهنجي پيغام ۾ جهانگير ترين چيو ته عون چوڌري بطور پيٽرن انچيف منهنجو به ترجمان هوندو. پارٽي جي وڌيڪ عهديدارن جي نالن جو اعلان جلد ڪيو ويندو.

ياد رهي ته استحڪام پارٽي جو قيام تازو ئي عمل ۾ آيو آهي. جنهن ۾ وڏي انگ ۾ تحريڪ انصاف جا اڳوڻا اڳواڻ شامل آهن.

استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ سنڌ جو اڳوڻو گورنر عمران اسماعيل، اڳوڻو وفاقي وزير علي زيدي، فواد چوڌري، فردوس عاشق اعواڻ، عامر ڪياني، جي پرڪاش، مراد راس ۽ ٻيا شامل آهن.

استحڪام پاڪستان پارٽي جو جهنڊو به فائنل ڪيو ويو آهي ۽ ان جي رجسٽريشن لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست به جمع ڪرائي وئي آهي.