سنڌ ڪابينا ايندڙ مالي سال لاءِ 2244 ارب روپين واري بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ ڪابينا ايندڙ مالي سال لاءِ 2244 ارب روپين جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينه جو پري بجيٽ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايندڙ مالي سال لاءِ بجيٽ جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس کي خطاب ۾ مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جي 45 سالن جي وڏي وقت جو هي آخري پري بجيٽ ڪابينه اجلاس آهي. ڪابينه جا ٻيا اجلاس معمول موجب ٿيندا رهندا.

هن چيو ته اسان جي ڪابينه بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ عوام جي بهتر خدمت ڪئي اسان جي حڪومت جي ڪاميابي اهم جز مڪاني چونڊون آهن.