اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانه ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ کي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانه ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ کي ڪارروائي روڪيندي ڪيس تي منع نامي جو حڪم  جاري ڪري ڇڏيو آهي

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر فاروق توشا خانه فوجداري ڪيس  خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عمران خان جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏنا

 خواجا حارث استدعا ڪئي ته  عدالت توشا خانه ڪيس ۾ فوجداري ڪارروائي تي منع نامي جو حڪم جاري ڪري،عدالت خواجا حارث جي استدعا  منظور ڪندي پيش ڪيل گذارشن کي آرڊر جو حصو بڻائي ڇڏيو

توشا خانه  ۾ فوجداري ڪارروائي تي منع نامي جو حڪم جاري ڪيو، سيشن ڪورٽ توشا خانه ڪيس ۾ عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪيو هو ۽ ان تي شاهديون رڪارڊ ڪرڻيون هيون