دشمن عوام ۽ هٿياربند فوج وچ ۾ وڇوٽيون وجهڻ جي سازش ۾ رڌل آهي:آرمي چيف

راولپنڊي: پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير چيو آهي ته دشمن عوام ۽ هٿياربند فوج وچ ۾ وڇوٽيون وجهڻ جي سازش ۾ رڌل آهي.

پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ 147 هين پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته رياست جو محور پاڪستان جو عوام آهي ، اسان جي پهرين ۽ اهم ذميواري رياست سان وفاداري ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج کي ڏنل آئيني ڪردار سان وابستگي آهي.

سندس چوڻ هو ته فوج اسان جي عظيم قائدين جي نظريي تي عمل ڪري رهي آهي جنهن ۾ ذات، رنگ، نسل ، جنس يا علائقائي فرق ناهي . اسان لاءِ عوام جي حفاظت ۽ سلامتي کان وڌيڪ مقدس ڪجهه ٻيو ناهي، ڪوبه فرض مادر وطن جي حفاظت کان وڌيڪ ناهي.

پاڪ فوج جي سربراهه جو چوڻ هو ته دشمن عوام ۽ هٿياربند فوج وچ ۾ وڇوٽيون وجهڻ جي سازشن ۾ مصروف آهي .عوام ۽ پاڪ فوج جي گڏيل رشتي کي قائم ۽ دائم رکيو ويندو .

سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ استحڪام اسان جي سلامتي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو، اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي سياسي ، اخلاقي،سفارتي حمايت جاري رکنداسين.

سربراهه پاڪ فوج جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن لاءِ انهن جي تاريخي جدوجهد ۽ خود اراديت واري حق لاءِ انهن سان سدائين گڏ بيٺو هوندو. عالمي برادري کي سمجهي وڃڻ گهرجي ته ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کان بنا علائقائي امن ممڪن ناهي.