سنڌي ۽ اردو ٻولي جي اداڪاره شبيران چنا  جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو

ڪراچي: روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل  ناليواري اداڪارا شبيران چنا  جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو آهي

ڊائو اسپتال ۾ مسلسل وينٽي  ليٽر تي رکيل اداڪارا شبيران چنا  جو ماهر ڊاڪٽر علاج ڪري رهيا آهن

اسپتال انتظاميا موجب شبيران چنا جو 3  ڀيرا ڊائلاسز ٿي  چڪو آهي،  چوٿون ڀيرو اڄ  ڪنداسين

انتظاميا موجب ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀريل هو جيڪو  ڪڍيو ويو آهي ۽ کيس ساھ  ۾  تڪليف ٿي رهي آھي