گمبٽ: لاهور ويندڙ ڪراچي ايڪسپريس جي بوگي ۾ باهه، هڪ عورت ۽ چئن ٻارن سميت 7 ڄڻا فوت

گمبٽ:  ڪراچي کان لاهور ويندڙ ڪراچي ايڪسپريس جي بوگي ۾ باهه لڳي وئي  جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.  ٽنڊي مستي ۽ خيرپور وچ  ۾ ڪراچي کان لاهور ويندڙ ڪراچي ايڪسپريس جي بوگي ۾ باهه لڳڻ سبب هڪ عورت ۽ چئن ٻارن سميت 7 ڄڻا  فوت ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته فوت ٿي ويل عورت ۽ ٻارن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي.

ٽرين مان لاش ڪڍڻ واري آپريشن ۾ گمس سربراهه ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي پنهنجي گمس اسپتال جي ايمبولينس عملي سميت واقعي واري هنڌ پهتو جنهن ۾ آرمي جي جوانن به حصو ورتو. ان موقعي تي گمس سربراهه ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي سخت ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته افسوسناڪ ٽرين واقعي تي ڏک پهتو آهي

ان حوالي سان ڊي سي او ريلوي محسن سيال ٻڌايو  آهي ته بوگي ۾ هڪ شخص جو سڙيل لاش پيل آهي جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.  وڌيڪ جاني نقصان ٿيو  آهي يا نه اهو بوگي ۽ ٽريڪ جي مڪمل جاچ کان پوءِ واضح ٿيندو.