واٽس ايپ جلد هنن فونز تي ڪم نه ڪندو

واشنگٽن: دنيا جي مشهور سماجي رابطن جي ويب سائيٽ واٽس ايپ کي جلد پراڻن اينڊرائيڊ فونز تي استعمال نه ڪري سگهبو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ان کان اڳ ميٽا ڪمپني طرفان ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته جلد پراڻن اينڊرائيڊ فونز تي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ ممڪن نه هوندو.
واٽس ايپ کي استعمال ڪرڻ لاءِ اينڊرائيڊ 4.1 يا ان کان پوءِ واري آپريٽنگ سسٽم جي ضرورت هوندي.
ايندڙ مهينن ۾ اينڊرائيڊ 5.0 يا ان کانپوءِ متعارف ڪرايل آپريٽنگ سسٽمز تي ئي واٽس ايپ هلائي سگهبو.
هاڻي ٻڌايو ويو آهي ته باضابطا طور تي اينڊرائيڊ 5 تي ڪم ڪندڙ فونز تي سپورٽ ختم ڪرڻ جي تاريخ جو به اعلان ڪيو ويو آهي.
آڪٽوبر 2023ع کان اينڊرائيڊ کان وڌيڪ اپ ڊيٽ آپريٽنگ سسٽمز تي ئي واٽس ايپ استعمال ڪري سگهبو.