اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي 6 يوسين ۾ ٻيهر ڳڻپ وارو اليڪشن ڪميشن جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي 6 يوسين ۾ ٻيهر ڳڻپ جو اليڪشن ڪميشن وارو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

ٻيهر ڳڻپ روڪڻ جي جماعت اسلامي جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق فيصلو ٻڌايو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن جو حڪم ڪالعدم قرار ڏيڻ جا سبب تفصيلي فيصلي ۾ جاري ڪيا ويندا.

جماعت اسلامي جو وڪيل قيصر امام ۽ حسن جاويد شورش، اليڪشن ڪميشن اختياريون ۽ ٻين اميدوارن جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.