پنجاب چونڊون ڪيس: دفاع واري وزارت جي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ جا تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد: دفاع وري وزارت سپريم ڪورٽ ۾ سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

دفاع واري وزارت سپريم ڪورٽ ۾ مهر لڳل رپورٽ جمع ڪرائي آهي. دفاع  واري وزارت طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم واپس وٺي. دفاع واري وزارت جي رپورٽ ۾ پاڙيسري ملڪن جي صورتحال جو به ذڪر ڪيو ويو آهي

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چونڊن لاءِ 3 لک 85 هزار 485 هٿياربند فوج ۽ رينجرز جوانن جي ضرورت پوندي. ماحول جي حوالي سان وڌيڪ سيڪيورٽي عملي جي ضرورت پئجي سگهي ٿي. سيڪيورٽي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس اڻپوري هوندي.

دفاع واري وزارت جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۾ هلندڙ آپريشن تان جوانن کي فوري طور تي هٽائڻ ممڪن نه آهي. ڪي پي ڪي، بلوچستان آپريشن سبب ئي پنجاب ۽ سنڌ جي صورتحال بهتر آهي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه، بلوچستان آپريشن کي ڇيڙيو ويو ته ان جا اثر پنجاب ۽ سنڌ ۾ به پوندا. آڪٽوبر جي شروعات تائين فورسز سيڪيورٽي فرض پورا ڪرڻ لاءِ موجود هوندي.

ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. ان کان علاوه سپريم ڪورٽ اسٽيٽ بينڪ کي اليڪشن ڪميشن کي فنڊز ڏيڻ جو حڪم پڻ ڏنو هو پر قومي اسيمبلي فنڊز جاري ڪرڻ جي قرارداد رد ڪري ڇڏي آهي.