اسلام آباد جي عدالت توشه خانه سميت ٻن ڪيسز جي ٻڌڻي جڊيشل ڪامپليس منتقل ڪرڻ واري عمران خان جي درخواست رد ڪري ڇڏي، عمران خان سيڪيورٽي خدشن سبب توشه خانه ۽ قتل جي ارادي وارن ڪيسز جي ٻڌڻي جڊيشل ڪامپليس منتقل ڪرڻ جي استدعا ڪئي
عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ درخواست داخل ڪرائيندي چيو ته ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ خطري جو الرٽ جاري ٿيل آهي ۽ اڳ به دهشتگرديءَ جا واقعا ٿي چڪا آهن، عمران خان کانسواءِ عام ماڻهن جي حياتيءَ لاءِ به خطرو آهي
عدالت جي جج چيو ته اڄ تائين عدالتي تاريخ ۾ ائين ڪڏهن نه ٿيو آهي جو مان ڪنهن ٻي عدالت ۾ وڃي ويهان، مان ڀرسان واري عدالت ۾ به ويهي نه ٿو سگهان
عدالت ٻڌڻي جڊيشل ڪامپليڪس منتقل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، عمران خان جي اڄ حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وئي آهي