سانوڻي جون هوائون سنڌ جي ڏاکڻي حصن ۾ داخل، موسميات کاتي سڀاڻي کان اضافي برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

ڪراچي:  سانوڻي جون هوائون سنڌ جي ڏاکڻي حصن ۾ داخل ٿي ويون آهن جنهنس بب سڀاڻي کان برسات ۾ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

موسميات کاتي موجب سانوڻي جون هوائون سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۾ داخل ٿي ويون آهن جنهن جي تحت اڄ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، بدين، ٺٽو، سجاول، ڄامشورو، ٽنڊومحمدخان، ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد جي ضلعن ۾ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي

انهي کان علاوه سانگهڙ، شهيد بينظير آباد، دادو، خيرپور، سکر ۽ ڪراچي ۾ هلڪي برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي جڏهن ته سنڌ جي ٻين علائقن ۾ موسم جزوي طور تي جهڙالو رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ ٻيو طاقتور سسٽم ملڪ ۾ وڏي پيماني تي برسات جو سبب بڻجي سگهي ٿو. سسٽم 5 کان 10 جولاءِ پنجاب، خيبرپختونخگاوهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير کي متاثر ڪندو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته انهي سسٽم سبب  سنڌ ۾ خاطر خواهه برساتون اڃان نظر نه پيون اچن پر ڪي پي ڪي، ڪشمير، اسلام آباد، پوٽوهار ريجن ۽ ڊي جي خان ۾ تيز  برسات پئجي سگهي ٿي.

موسميات کاتي موجب پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجهه حصن ۾ ندي نالن ۾ ٻوڏ صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي جڏهن ته نوشهره ۽ پشاور جي هيٺاهين علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي، 6 کان 8 جولاءِ جي دوران جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائينڊنگ جو به امڪان آهي.

Sawni winds have entered the southern parts of Sindh