ججز اسان جي حدن ۾ داخل ٿيندا ته اسان به سوال اٿارينداسين: خواجا آصف

اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ججز اسان جي حدن ۾ داخل ٿيندا ته اسان به سوال اٿارينداسين، آئين کي ٻيهر لکڻ عدليه جو ڪم نه آهي، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت پاڻمرادي نوٽيس تي فيصلو 9 ججز کي نه پر فل ڪورٽ کي ڪرڻ گهرجي

دفاع واري وزير خواجا آصف جو قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي چيو ته سو مو ٽو ڪيس بابت ڪجهه سوال اٿاريا ويا آهن، انهن جا هاڻوڪين حالتن توڙي مستقبل تي به ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا

هن جو چوڻ هو ته سموري سپريم ڪورٽ ويهي ان مسئلي جو حل ڳولي، سياستدانن سان زيادتيون ٿينديون رهيون آهن، ڪجهه ججز تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته ڪجهه ججز تي تنقيد نه ٿي ڪئي وڃي، جسٽس کوسه ۽ جسٽس ثاقب تي تنقيد ٿئي ٿي ته جسٽس ناصر الملڪ تي تنقيد ڇو نه پئي ٿئي؟ اهو سوال عدليه جي لاءِ آهي ته ائين ڇو آهي؟

Judges will enter into the boundaries of Asan