انتظاميا ناڪام،ڪراچي ۾ کير 120 رپين بدران 2 سئو رپيا في لٽر وڪرو ٿيڻ لڳو

ڪراچي: ڪراچي انتظاميا کير جي هٿرادو طور وڌايل اگهن تي ضابطو  آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي، سڄي شهر ۾ کير 120 روپين بدران 2 سئو روپيا في لٽر وڪرو ٿيڻ لڳو آھي

کير جو في ليٽر اگهه 120 رپيا مقرر ڪرڻ بعد انتظاميا اگهه تي عمل نه ڪرائي سگهي، انتظاميا پاران ڪجهه دوڪاندارن تي ڏنڊ وجهڻ باوجود کير جو مهانگو وڪرو جاري آھي

 ڪمشنر ڪراچي جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن ٿيل اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو هو، ڪمشنر پاران  اڄ ٻيهر اجلاس طلب ڪيو ويو آھي

Management failed In Karachi