سنڌ سرڪار کي ڏنگي ۽ بُنڊاڙ بيٽن تي نئون شهر اڏڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي: وزيراعظم

ڪراچي: وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ سنڌ سرڪار کي ڏنگي ۽ بُنڊاڙ بيٽن تي نئون شهر اڏڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي، ٻيٽن تي منصوبي سان سڀ کان وڌيڪ فائدو سنڌ کي ٿئي ها، اُن باوجود سنڌ حڪومت اجازت ڏئي واپس وٺي ڇڏي

وزيراعظم عمران خان جو ڪراچي ۾ گرين لائين منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪيو، وزيراعظم چيو ته اسان کي نيويارڪ ۽ دبئي جيان ٻيٽن تي جديد شهر اڏڻ جي ضرورت آهي

سنڌ جا ماڻهو به پاڪستان جو عوام آهي، عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرون ٿا، سنڌ سرڪار کي ٻيٽن جي منصوبي ۽ هيلٿ ڪارڊ ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، سنڌ جي عوام جو به حق آهي ته ٻين صوبن جيان کين به هيلٿ انشورنس ڪارڊ ملي

جڏھن تھ وفاقي وزير اسد عمر ڪراچي ۾ گرين لائين منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران پ پ ۽ نواز ليگ تي تنقيد ڪئي، اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي واسين جي انٽرٽينمينٽ لاءِ ڪالهه کان تماشو لڳايو پيو وڃي، نواز ليگ 28 مهينن ۾ گرين لائين منصوبي جو بنيادي ڍانچو به نه ٺاهيو

بلاول معصوم ٻار آهي، سندس بيان کي سنجيده نه وٺڻ گهرجي، بلاول کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته سنڌ ۾ 6 ڀيرا حڪومت ڪرڻ باوجود توهان عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو، اڃا ڪيترو وقت گهرجي، عوام جو پئسو لنڊن ۽ دبئي ۾ محل خريد ڪرڻ لاءِ نه، پر عوامي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گڏ ڪيو ويندو آهي